سون
ايٽمي انگ 79 وارو ڪيميائي عنصر
سون ھڪ ڌاتو آھي جنھن کي قديم کان زماني زيور طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. سون جو رنگ سونھري ٿيندو آھي. سون ٻين ڌاتن جھڙوڪ لوھ، چاندي، ٽامي وغيره کان وڌيڪ مھانگو آھي.
طب سنواريو
سون کي عربي ۾ ذهب، فارسي ۾ طلازر، ھندي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ سونا، عقيان، آبريز، زرشمس ۽ مکنون چوندا آهن. طبي لحاظ کان ان جو اثر معتدل گرميءَ وارو آھي. اھو ھڪ چلڪڻي گهاٽي هيڊي رنگ جو ڌاتو آهي.طبي خاصيت مطابق هن جا ورق يا ڪشتو دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا. جگر، معدي، گردن ۽ ذهن کي طاقت ڏين ٿا. ماليخوليا ۽ سوداوي بيمارين ۾ مفيد آهي. بدن کي ٿلهو ڪري قوت باهه کي وڌائي ٿو. گردي ۽ مثاني جي پٿري، بواسير جي رت، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ فائدي وارو آهي. هن جو سرمون اک جي روشنائي وڌائي، ڌنڌ ۽ ڦلي کي هٽائي ٿو..[1]
حوالا سنواريو
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
🔥 Top keywords: مُک صفحوخاص:ڳولامدد:مندرجاتٻين مھاڀاري جنگپاڪستانخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:بابتوڪيپيڊيا:عام غيرجوابدارينامومدد:تعارفوڪيپيڊياآسٽريلياوڪيپيڊيا:سنڌي لکت ڪيئن پڙهجيجنسي سنگمدد:صفحو ڄاڻوڪيپيڊيا:نياتي بابڪارٿيججمال ابڙومدد:زمروپاڪستان جو آئينقرآنسنڌ جي تاريخوڪيپيڊيا:مندرجاتورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪباب:ھاڻوڪا واقعاوڪيپيڊيا:کاتي جي لاءِ درخواست ڏيوميڊياوڪيوڪيپيڊيا:ھاڻوڪا واقعانظرياتي تنقيدسارس ڪووي 2633عجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)آبي پکيسنڌو درياھآمريڪا جون گڏيل رياستونسنڌي ٻوليمدد:فهرستخاص:مون سان ڳالههوڪيپيڊيا:ريتخانو