ڪبابو (عربي: فاغره، اردو: ڪبابه خندان، فارسي: ڪبابه شگفته، ڪاغاني: نمبر) ھي ڪباب چينيءَ کان ٿورو وڏو ٻج آهي، هن جو منھن کليل ٿئي ٿو. خوشبوءِ وغيره ساڳي رکندڙ آهن.

طب سنواريو

ذائقي ۾ تکا ۽ لڳندڙ ٿين ٿا. مزاج: گرم خشڪ ٻئي درجي ۾.خاصيت: هي هڪ نهايت خوشبودار دوا آهي. هن جو سنگهڻ ۽ کائڻ دل ۽ دماغ کي طاقت رسائي ٿو. سرد معدي ۽ جگر جي تقويت، هاضمي، ريح جي خراب ۽ اهڙين ٻين معدي ۽ جگر جي تڪليفن لاءِ ڪارآمد آهي. قابض هئڻ سبب دستن کي بند ڪندڙ تاثير رکي ٿو. سرد بيمارين جهڙوڪ لڪنت، ٻاتاڻ(Stammering) ۽ استرخاءِ (شل ٿيڻ Paralysis) ۾ مستعمل آهي. خون جي صفائي ۽ وات جي بدبوءِ هٽائڻ لاءِ بهترين شئي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.